چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه 16 آگسٽ تي سعودي عرب جو دورو ڪندو

اسلام آباد: چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه 16 آگسٽ تي سعودي عرب جو دورو ڪندو .

عملدارن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف هلندڙ هفتي جي آخر ۾ سعودي عرب ويندو جتي هو اسلام آباد لاءِ مالي سهڪار جي مسئلن کان سواءِ ڪشمير جي معاملي تي سفارتي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.

هڪ انگريزي  اخبار موجب ٻئي ملڪ روايتي طور هڪ ٻئي جي ويجهو آهن ۽ سعودي عرب  2018 ۾ پاڪستان کي 3 ارب ڊالر جو قرض ۽ 3 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو تيل قرض تي ڏيڻ جي سهولت ڏني هئي ته جيئن ادائگين جي بحران جي توازن ۾ مدد ملي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔