آمريڪا ۽ صحت جي عالمي اداري ڪورونا جي لاءِ روسي ويڪسين تي شڪ ظاهر ڪري ڇڏيا

واشنگٽن: آمريڪا جي وبائي مرضن جي ماهر ڊاڪٽر انتهوني فائوچي ڪورونا جي لاءِ روسي ويڪسين جي محفوظ ۽ موثر هجڻ تي شڪ جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب روس گذريل ڏينهن ويڪسين جا سمورا تجرباتي مرحلا مڪمل ٿيڻ تي اڄ کان ان کي لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ آمريڪي سائنسدان ڊاڪٽر انتهوني فائوچي چيو آهي ته ويڪسين تيار ٿيڻ ۽ ان جو محفوظ ۽ بهتر هجڻ 2 مختلف ڳالهيون آهن ۽ روسي ويڪسين جي ڪيس ۾ اسان کي ڪي به اهڙيون شهادتون يا ثبوت ناهن مليا جن مان اسان کي لڳي ته هي بهتر ۽ محفوظ آهي.هن اميد ظاهر ڪئي ته روس پنهنجي ويڪسين جي بهتر ۽ محفوظ هجڻ جا تجربا ڪندو پر اسان کي اڃان به شڪ ۽ وسوسا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته روس پنهنجي ويڪسين جي بهتر ۽ محفوظ هجڻ لاءِ ان تي تجربا ڪيا هوندا.هوڏانهن صحت جي عالمي اداري جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڪنهن به ويڪسين جي بهتر هجڻ ۽ افاديت جائزي جي لاءِ ڊيٽا جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. ان سلسلي ۾ عالمي ادارو روس سان ويجهي رانطي ۾ آهي ۽ ويڪسين جي جانچ بابت ڳالهيون جاري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔