پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد: احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت اسلام  آباد ۾ ٿي ، جنهن ۾ آصف علي زرداري ، بلاول هائوس ڪراچي مان وڊيو لنڪ وسيلي عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته ٻين جوابدارن کي به ويڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ حاضر ڪيو ويو .

ٻڌڻي دوران شريڪ جوابدارن اقبال خان نوري ريفرنس مان بريت ۽ پنهنجي موڪل  سان ملاقات ڪرائڻ جي درخواست ڪئي جڏهن ته جوابدار طاحا رضا جي وڪيل به پنهنجي موڪل سان ملاقات جي درخواست ڪئي .

احتساب عدالت جي جج چيو ته اسان اڄ چارج فريم ڪري ڇڏيون ٿا ۽ جوابدارن سان ملاقات جي به اجازت ڏيون ٿا.

وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ شريڪ آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته سندس وڪل اڄ سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي ان ڪري اڄ ان تي فرد جرم لاڳو نه ٿي ٿي سگهي .

فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ مڙني جوابدارن پاران ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪيو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔