سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ سمورن نالن تان حددخليون هٽائڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ سمورن نالن تان حددخليون هٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير سعيد غني ۽ وزير ناصر شاهه چيو آهي ته نالن تي غيرقانوني ۽ قانوني حددخليون هجڻ سبب صفائي ۾ مسئلا پيش آيا. ناصر شاهه چيو ته اسٽي آرڊرز سبب حددخليون هٽائڻ ۾ مسئلا پيش آيا. هن چيو ته ڪجهه ادارن نالن مٿان حددخلين کي قانوني بڻائڻ لاءِ سندون جاري ڪيون ويون. وڏي وزير نالن جي صفائي ۾ پيش آيل مسئلن ۽ حددخلين بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ به رات جي وقت پاڻي نيڪال ڪيو ويو هو. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته افسوس ٿيندو آهي. جڏهن نالن تي حددخليون ۽ غيرقانوني اڏاوتون ڪرائيندڙ به حڪومت مٿان تنقيد ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔