سعودي نرس جو ڪارنامو!!

رياض: سعودي عرب ۾ هڪ نرس مديني-مڪي روڊ تي ٽرئفڪ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي بروقت طبي امداد فراهم ڪندي هڪ مثال قائم ڪئي آهي.
تفصيل موجب مدينه جي الخاڪيه گورنري ۾ المحفر هيلٿ سينٽر ۾ ڊيوٽي تي آيل نرس خلود الصمعدي چيو آهي ته هوءَ ڊيوٽي تان واپس وڃي رهي هئي ته رستي ۾ هڪ ڪار حادثي کي ڏٺو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيل هئا..
خلود الصمعدي چيو ته سندس گاڏي ۾ هر وقت فرسٽ ايڊ جو سامان هوندو آهي ۽ هن گاڏي روڪي زخمين کي طبي امدادي ڏني ۽ ڪجهه ئي دير ۾ حلال احمر جي ميڊيڪل ٽيم به پهچي وئي جنهن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو…
مديني ۾ صحت کاتي جي ترجمان معظم ابو عنق ، سعودي نرس خلود جي جذبي کي ساراهيندي چيو آهي ته هن وانگر نوجوان سعودي قوم جا هيرو آهن جيڪي پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ٻين کي تڪليف مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔