بائيڊروڪسي ڪلوروڪوئن استعمال ڪندڙ 100 کان وڌيڪ مريضن جي فوت ٿيڻ جو انڪشاف

واشنگٽن: آمريڪا ۾ هلندڙ سال جي پهرين ڇهين مهيني ۾ ڪورونا وائرس جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ مليريا جي دوا بائيڊروڪسي ڪلوروڪوئن استعمال ڪندڙ 100 کان وڌيڪ ڪورونا 19 جي مريضن جي فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.اهو انڪشاف آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن(ايف ڊي اي) جي رپورٽنگ سسٽم جو جائزو وٺندڙ جرنل ملوايڪي سينشيل مختلف رپورٽن جي بنياد تي ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب هلندڙ سال جي پهرين ڇهين مهيني ۾ 293 فوتگين جو تعلق بائيڊروڪسي ڪلوروڪوئن سان هو ۽ ان جي برانڊ جو نالو پليڪوٽنل هو جيڪو ڪلورڪوئن جي سسٽرميڊيسن آهي. اهو انگ 2019 جي پهرين ڇهين مهيني جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي ان دوران 75 فوتگيون سامهون آيون هيون.واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مارچ ۾ مليريا جي دوا ڪلوروڪوئن ۽ بائيڊروڪسي ڪلوروڪوئن کي ڪورونا جي علاج لاءِ استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي ۽ ان جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي علاج ۽ ويڪسين جي تياري جي لاءِ رنڊڪون ختم ڪيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔