ساهه جي تڪليف سبب بالي ووڊ جو مشهور اداڪار سنجي دت اسپتال منتقل

نئين دهلي: ڀارتي اداڪار سنجي دت کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف سبب ممبئي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.بالي ووڊ انڊسٽري ۾ منا بهائي ۽ سنجو بابا جي نالي سان مشهور 61 ساله اداڪار سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پوسٽ ڪري پنهنجي صحت جي حوالي سان مداحن کي آگاهه ڪيو آهي.سنجي دت چيو آهي ته مان سڀني کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته مان خيريت سان آهيان ۽ ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ آهيان جڏهن ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو آيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔