ٽوئيٽر به ٽڪ ٽاڪ کي خريد ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر چيني ڪمپني بائيٽ ڊانس جي ملڪيت هيٺ ايپ ٽڪ ٽاپ جي آمريڪي آپريشنز کي خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ اها دعويٰ 2 ڄڻن جي حوالي سان ڪئي وئي آهي.
خيال رهي ته مائڪرو سافٽ طرفان ٽڪ ٽاڪ کي خريد ڪرڻ لاءِ بائيٽ ڊانس ۽ آمريڪي انتظاميا سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ۽ هو ان عمل کي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڏنل 45 ڏينهن جي مدي ۾ پورو ڪرڻ چاهين ٿا.
آمريڪي صدر طرفان جاري ڪيل ايگزيڪٽو آرڊر موجب جيڪڏهن ٽڪ ٽاڪ جا آمريڪي آپريشنز 15 سيپٽمبر تائين ڪنهن آمريڪي ڪمپني کي وڪرو نه ڪيا ويا ته سڄي آمريڪا ۾ ان تي پابندي لڳائي ويندي.
هاڻ نئين رپورٽ موجب ان حوالي سان ٽوئيٽر ۽ ٽڪ ٽاڪ وچ ۾ ڳالهيون شروعاتي مرحلن ۾آهن ۽ في الحال مائڪرو سافٽ ئي ان معاملي ۾ اڳتي نظر اچي رهي آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٽوئيٽر جي مارڪيٽ ويليو 30 ارب ڊالرن جي ويجهو آهي لڳ ڀڳ ايترو ئي قدر ٽڪ ٽاڪ جي آمريڪي آپريشنز جو به آهي ۽ ذريعن موجب ٽوئيٽر کي ان معاهدي کي ڪرڻ لاءِ پنهنجي قدر ۾ واڌ ڪرڻي پوندي.
ذريعن ٻڌايو ته جيڪڏهن ٽوئيٽر ڪنهن سيڙپڪار گروپ کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته شرط گھڻا سخت هوندا، ٽوئيٽر جا پنهنجي شيئر هولڊرز طرفان امڪاني طور تي ان ڳالهه کي ترجيح ڏني ويندي ته انتظاميا موجوده بزنس تي ئي ڌيان ڏئي.
ٻين ذريعن ان حوالي سان ٻڌايو ته ٽوئيٽر جي هڪ شيئر هولڊر ڪمپني سلور ليڪ ان امڪاني معاهدي لاءِ سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ دلچسپي رکي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔