آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

لاهور: مانچسٽر ٽيسٽ کان پوءِ آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. آءِ سي سي پاران جاري ڪيل ٽيسٽ رينڪنگ موجب پاڪستان جي بابر اعظم جي ڇهين پوزيشن برقرار آهي جڏهن ته سينچري ٺاهيندڙ شان مسعود جي رينڪنگ ۾ بهتري ٿي آهي ۽ هو 19هين نمبر تي پهچي ويو آهي.آسٽريليا جو اسٽيو اسمٿ لاڳيتو پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي ٻئين پوزيشن آهي. مارنوس لانوشين به پنهنجو ٽيون نمبر برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. بالرن جي درجه بندي ۾ ڪوبه پاڪستاني ٽان ٽين ۾ جڳهه نه ٺاهي سگهيو. محمد عباس يارهين پوزيشن ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. جڏهن ته نئين درجه بندي جي تحت پيٽ ڪمنز هن لسٽ ۾ ٽاپ تي آهي.نيل ويگنر جو ٻيو جڏهن ته اسٽيورٽ براڊ جو ٽيون نمبر برقرار آهي. ليگ اسپنر ياسر شاهه رينڪنگ ۾ 22هين نمبر تي اچي ويو آهي. جڏهن ته فاسٽ بالر شاهين آفريدي جو 33هون نمبر آهي. آل رائونڊر جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي خلاف ٽيسٽ ۾ وڌيڪ سٺي پارفارمنس نه ڏيکارڻ جي باوجود انگلينڊ جو بين اسٽوڪس پهرين پوزيشن برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. پر ٽاپ ٽين آل رائونڊرز ۾ پاڪستان جو ڪوبه رانديگر شامل نه ٿي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔