لبنان ۾ عوامي مظاهرن بعد اطلاعات واري وزير عهدي تان استعفي ڏئي ڇڏي

بيروت؛ لبنان ۾ عوامي مظاهرن بعد اطلاعات واري وزير پنهنجي عهدي تان استعفي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد پارليامينٽ جي استعفي ڏيندڙ ميمبرز جو انگ ڇهه ٿي ويو آهي.
تفصيل موجب، لبنان ۾ اهم شخصيتن طرفان حڪومت کان استعفي جو مطالبو زور پڪڙي رهيو آهي، جڏهن ته فورسز سان چڪرين دوران ست سو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
هوڏانهن لبنان جي مالي مدد ڪرڻ لاء فرانس جي صدارت هيٺ عالمي ڊونرز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ پوپ فرانسس عالمي برادري کي لبنان جي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔