ڪرونا وائرس 2022 تائين ختم ٿي ويندو؛ بل گيٽس

واشنگٽن؛ ملٽي نيشنل ٽيڪنالوجي ڪمپني مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ڪرونا وائرس سموري دنيا مان 2022 تائين ختم ٿي ويندو.
هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته وائرس جي خاتمي لاء ويڪسين جي لاء ڪوششن کي ڏسي هن کي لڳي ٿو ته سموري دنيا مان وائرس ٻن سالن اندر ختم ٿي ويندو.
هن چيو ته دنيا کي هن وقت هڪ اثرائتي ويڪسين جي ضرورت آهي جنهن سان معمول واري زندگي ٻيهر بحال ڪري سگهجي جيڪا ڪارونا وائرس ڪري تمام گهڻي متاثر ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔