حيدرآباد ۾ پوليو وائرس جو خطرو!!!

حيدرآباد: حيدرآباد انتظاميا پاران تلسي داس پمپنگ اسٽيشن تان ورتل پاڻي جي نمونن ۾ ٻيهر پوليو وائرس هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. شهر ۾ 15 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم لاءِ عملي جي تربيت شروع ڪئي وئي. اپريل ۾ پاڻي جي نموني ۾ پوليو وائرس ختم ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي. مئي، جون ۽ جولاءِ جي نمونن ۾ ٻيهر گندي پاڻي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي. وائرس جي تصديق ٿيڻ انتظاميا پريشان ٿي وئي. پوليو مهم دوران عملي جا ميمبر ٻار کي هٿ نه لاهڻ لاءِ ايس او پي تي عمل واري تربيت شروع ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔