اڄ ڀارت اڪيلو ٿي ويو، يوم استحصال بابت تحريڪ انصاف جي بوٽ ريلي

ڪراچي: تحريڪ انصاف پاران يوم استحصال جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ بوٽ ريلي ڪڍي وئي

بوٽ ريلي ۾ مظلوم ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪندي مودي سرڪار ۽ ڀارتي فوج خلاف نعري بازي به ڪئي وئي

ريلي ۾ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ حنيد لاکاڻي ، حليم عادل شيخ ، شاهنواز جدون ،سعيد آفريدي ،مولوي سمير شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي

ان موقعي تي بيت المال سنڌ جي سربراهه ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حنيد لاکاڻي چيو ته هڪ سال ۾ مودي سرڪار جو ڀيانڪ چهرو سڀني جي سامهون اچي ويو .

ڀارتي ظلم جي ڪري پاڪستان ،نيپال، ايران ، بنگلا ديش ، سري لنڪا ، ترڪي ۽ چين سميت ڪو به ملڪ ڀارت سان گڏ ناهي ، جيڪو ظلم آر ايس ايس ڪري رهيو آهي ان جي ڪري ڀارت اڪيلو ٿي ويو آهي .

هن چيو ته اسان جو اهو فرض آهي ته اسان مظلوم ڪشميرين جو آواز بڻجون ،انساني حقن جي تنظيمن کي خاموش تماشائي ٿيڻ نه گهرجي ، انهن کي ان ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ، ڀارت جي چوڌاري گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، جلد ڪشميران کي ڇڏڻو پوندو .

ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن آڏو ڪشميرجو مسئلو اٿاريو آهي ، اڄ سڄو پاڪستان مظلوم ڪشميرين سان گڏ آهي ، ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حقدار رڳو ڪشميري عوام آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔