قرباني جي جانورن جي گذريل سال جي مقابلي ۾ 40 سيڪڙو خريداري گهٽ رهي:رپورٽ

لاهور : قرباني جي جانورن جي گذريل سال جي مقابلي ۾ 40 سيڪڙو خريداري گهٽ رهي، جنهن جو ڪارڻ مهانگائي، خريد جي سگهه گهٽ هجڻ، بيروزگاري ۽ ڪورونا وائرس آهي، 20 لک ڳئون، 31 لک 40 هزار ٻڪر، 8 لک رڍون ۽ 60 هزار اُٺ قربان ٿيا، کلن جون قيمتون 50 سيڪڙو گهٽ رهيون، گذريل عيد الاضحيٰ جي موقعي تي جانورن جي خريداري جي ماليت 242 ارب رپيا هئي، هن سال اها ماليت 174 ارب رپيا رهي، ڪورونا وائرس جي وباءُ ۽ مهانگائي جي ڪري هلندڙ سال ملڪ ۾ قرباني گذريل سال جي مقابلي ۾ 25.9 سيڪڙو گهٽ ڏٺي وئي، پاڪستان ٽينريز ايسوسيئيشن جي اڳوڻي چيئرمين آغا سيدين موجب هن سال 60 لک جانورن جي قرباني ڏني وئي، اهو انگ گذريل سال عيدالاضحيٰ جي مقوعي تي قربان ٿيندڙ 81 لک جانورن جي مقابلي ۾ 21 لک گهٽ آهي، هن چيو ته گذريل سال 30 لک ڳئون، 40 لک ٻڪر، 10 لک رڍن ۽ هڪ لک اُٺن جي قرباني ڏني وئي، جڏهن ته هن سال 20 لک ڳئون، 31 لک 40 هزار ٻڪر، 8 لک رڍون ۽ 60 هزار اُٺ قربان ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔