ترڪ پارليامينٽ سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ قانون منظور ڪري ورتو

انقره: ترڪ پارليامينٽ سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان کي ريگيوليٽ ڪرڻ جو قانون منظور ڪري ورتو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ترڪي جي پارليامينٽ اربع جي ڏينهن ان قانون کي منظور ڪري ورتو جنهن جي تحت اختيارين کي سينسر شپ جي بجاءِ سوشل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪرڻ جا غير معمولي اختيار حاصل هوندا. سوشل ميڊيا قانون جي تحت فيس بڪ ۽ ٽوئٽر جهڙن وڏن سوشل ميڊيا ڪمپنين کي مواد بابت شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ترڪي ۾ آفيس کولي پنهنجي نمائندا مقرر ڪرڻا پوندا.بل جي تحت جيڪڏهن ڪا به سوشل ميڊيا ڪمپني پنهنجو مقامي نمائندو مقرر ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي ته قانون ۾ ان ڪمپني تي ڏنڊ هڻڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ان جي اشتهارن تي پابندي سميت ڪمپني جي بينڊوٿ ۾ به گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي.ان کان علاوه عدالتي فيصلي جي ذريعي هينڊوٿ جا 50 کان 90 سيڪڙو تائين گهٽ ڪيو ويندو. بينڊوٿ ۾ گهٽتائي جو مطلب سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس استعمال ۾ انتهائي سست ٿي ويندا.بل جي تحت ڪونٽينٽ پرائيويسي ۽ صارفين جي حقن جي ڀڃڪڙي بابت درخواستن تي سوشل ميڊيا ڪمپنين جي نمائندن کي جواب ڏيڻ جي لاءِ 48 ڪلاڪن جي مهلت هوندي يا انهن کي ان درخواستن کي رد ڪرڻ جو جواز پيش ڪرڻو پوندو جڏهن ته اهڙي طرح جو مواد 24 ڪلاڪن ۾ بلاڪ يا نه هٽائڻ جي صورت ۾ ڪمپني کي نقصان جو ازالو ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔