انگلينڊ جو فاسٽ بالر اسٽورٽ براڊ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنج سو وڪيٽون وٺڻ وارو دنيا جو ستون بالر بڻجي ويو

مانچيسٽر؛ انگلينڊ جو فاسٽ بالر اسٽورٽ براڊ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنج سو وڪيٽون وٺڻ وارو دنيا جو ستون بالر بڻجي ويو. هن ڪيريئر جي 140 ٽيسٽ ۾ اهو رڪارڊ جوڙيو آهي..
انگلينڊ جي فاسٽ بالر اسٽورٽ براڊ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنج سو وڪيٽس حاصل ڪري ليجنڊ بالرز جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي. سري لنڪا جي مرلي ڌرن ٽيسٽ ۾ 800 وڪيٽن جو رڪارڊ جوڙي چڪو آهي شين وارن ، فاسٽ بالر جيمس اینڈرسن ، انيل ڪمبيل ، گلين ميڪ گرا ۽ ڪورٽني والش به پنج سو وڪيٽس حاصل ڪندڙ ڪلب جا ميمبر آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔