هر وقت مايوسي جو شڪار رهندڙ ماڻهو جلد ئي فوت ٿي وڃن ٿا؛ تحقيق

ڪينبرا: طبي ماهر انهن ماڻهن کي به خبردار ڪيو آهي جيڪي هر وقت مايوسي بابت ڳالهائيندا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ مطابق آسٽريلوي سائنسدانن هر وقت مايوسي جو شڪار رهندڙ ماڻهن بابت پنهنجي نئين تحقيقي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اهڙا ماڻهو جلد ئي مري وڃن ٿا، ٻئي طرف اهي ماڻهو جيڪي هر وقت خوش رهن ٿا اهي هڪ خوشحال زندگي گذارين ٿا ۽ وڏي عمر ماڻين ٿا.
رپورٽ مطابق برسبين ۾ آء ايم آر برگيفر ميڊيڪل ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي سائنسدانن جي هڪ مطالعي ۾ اهو معلوم ڪيو ويو آهي ته ماڻهو هر وقت مايوسي بابت ڳالهائيندا آهن اهي دل جي بيماري سميت ٻين بيمارين جو شڪار ٿين ٿا..
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هو پراميد ۽ اوسط دماغ رکندڙ ماڻهن کان ٻه سال جلدي مرن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔