اسلام آباد: باجوڙ ۾ سرحد پار کان سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو آهي .
پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سرحد پار کان سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ فوج جو لائنس نائيڪ سميع الله شهيد ٿي ويو
آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان بيمار افغان فوجي جو علاج ڪيو پر ان جي جواب ۾ افغانستان پاڪستان جو هڪ جوان شهيد ڪري ڇڏيوآهي. فوجي جوان سرحد پار کان پاڪستان جي علائقي باجوڙ ۾ فائرنگ سبب شهيد ٿيو .