ڀارت چين جي وڌيڪ ستيتاليهه ايپلي ڪيشنز تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

نئين دهلي: ڀارتي حڪومت گذريل مهيني 59 چيني ايپلي ڪيشن کي بند ڪرڻ کا پوءِ وڌيڪ 47 چيني ايپلي ڪيشنز تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.چين جي هٿان ڀارتي فوج جي رسوائي کان پوءِ مودي حڪومت جن وڌيڪ 144 ايپلي ڪيشنز تي پابندي لاڳو ڪئي ان جي باري ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته هي اڳ بند ڪيل ايپلي ڪيشنز جون ڪلون ايپلي ڪيشنز هيون.ڀارتي نيوز اداري اين ڊي ٽي وي جي رپورٽ موجب پابندي کي منهن ڏيندڙ ان نئين ايپلي ڪيشنز جي لسٽ جو اعلان ڪرڻ اڃان باقي آهي. ڀارتي ٽي وي جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته حڪومت وڌيڪ 250 ايپلي ڪيشنز جي لسٽ تيار ڪئي آهي جنهن جو صارفين جي پرائيويسي يا قومي سلامتي جي ڀڃڪڙي جي حوالي سان معائنو ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔