آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا جو دورو

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته جيڪڏهن اسان کي چڙ ڏياري وئي ته جواب ڏينداسين ۽ پنهنجي پوري طاقت سان جواب ڏينداسين.پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا (ايڇ آءِ ٽي) جو دورو ڪيو ۽ ٽينڪ الخالد-1 کي آرمڊرڊ ڪور رجمنٽ جي حوالي ڪرڻ واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب ٽينڪ الخالد -1 پاڪستان جي دوست ملڪن چين ۽ يوڪرين جو گڏيل منصوبو آهي.

بيان ۾ چيو ويو ته تقريب دوران ٽينڪ الخالد-1 جي عملي صلاحيتن جو مظاهرو به ڪيو ويو جنهن ۾ لڏ پلاڻ، رفتار، ڪنٽرول سسٽم ۽ ٻطرفيون بندوقون هلائڻ ۾ مضبوطي ۽ اسموڪ اسڪرين جو استعمال شامل هو.آءِ ايس پي آر موجب الخالد کي فارميشنز جي حوالي ڪيو جنهن جو جنگ دوران تنقيدي ۽ فيصلو ڪندڙ ڪردار آهي.تقريب دوران ميجر جنرل سيد عامر رضا چيئرمين ايڇ آءِ ٽي خودانصاري جي ذريعي دفاعي صنعت ۾ جاري منصوبن، ايڇ آءِ ٽي جي ڪاميابين ۽ ان جي ڪردار تي روشني وڌي.آرمي چيف هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا جي شين ۽ صلاحيتن تي اعتماد ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي ساراهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔