ٿورڙي بي احتياطي ٻيهر ڪيسن ۽ فوتگين ۾ واڌ جو سبب ٿي سگهي ٿي : ڊاڪٽر ظفر مرزا

اسلام آباد: وزير اعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته الله جو شڪر آهي جو پاڪستان ۾ بيماري جي پکڙجڻ وارو سلسلو گهٽجي ويو آهي پر ان تي ڪنهن به غير ذميواري جو مظاهرو نه ٿيڻ گهرجي.

قوم جي لاءِ خاص پيغام ۾ هن چيو ته اسان جو ڌيان ان ڳالهه تي هئڻ گهرجي ته ملڪ ۾ جيڪڏهن بيماري جو پکڙجڻ گهٽ ٿيو آهي ته ان کي وڌيڪ گهٽ ڪري سگهجي.

خاص مددگار چيو ته دنيا جي ٻين ملڪن جا تجربا سامهون آهن جنهن مان هڪ ڀيرو ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ گهٽتائي کان پوءِ وبا ٻيهر ڪَرُ کڻڻ ۽ پهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪيس ۽ فوتگيون سامهون آيون ان سلسلي ۾ ڪو به وقت کان اڳ فيصلو نه ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته پاڪستان کي عيد ۽ محرم جي صورت ۾ وڏا چيلينج پيش آهن، ان ڪري ضرورت آهي ته حڪومت ۽ عوام گڏجي پوري ذميواري سان انهن چيلنجن کي منهن ڏين.

ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته گهڻا ئي ماڻهو اِهو پڇندا آهن ته ڪنهن جي ڪري پاڪستان ۾ ايتري تيزي سان گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ان جو سبب اِهو آهي ته وزير اعظم جي قيادت ۾ ڪيل بروقت بندوبست جي نتيجي ۾ عوام نسبت احتياط ڪيو ۽ هنن جي روين ۾ به فرق آيو

هن چيو ته ماڻهن جي روين ۾ فرق اچڻ جي ڪري عوام سان مستقل رابطي ۾ رهڻ هو ۽ گذريل 6 مهينن جي عرصي ۾ سمورن ذريعن سان هزارين ڪلاڪن تي ٻڌل ڪميونيڪيشن ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن جو رويو تبديل ٿيو جيڪو بيماري جي پکڙجڻ کي روڪڻ جي ضمانت بڻيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔