اپوزيشن پي ٽي آءِ سرڪار خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ اهم ملاقات

اسلام آباد :اپوزيشن پي ٽي آءِ سرڪار خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي وئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ جَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي نجي هوٽل ۾ ٿيل ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال سميت عيد کانپوءِ اي پي سي سڏائڻ تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته عوام جِي زندگين ۽ ملڪي معيشت کي خطرو آهي، وزيراعظم کي گهر وڃڻو پوندو، جنهن لاءِ قوم هڪ پيج تي آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ٿيل ملاقات جا اثر عيد کانپوءِ نظر ايندا، متحده اپوزيشن جيڪو فيصلو ڪندي، ان تي عمل ڪنداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته عيد کانپوءِ جلد ئِي رهبر ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ تجويزون تيار ڪري اَي پي سي ۾ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن جماعتن جون تياريون مختلف هونديون ته انهن کي به گڏجي هڪ پيج تي آڻينداسين، بلاول ڀٽو اڄ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان به ملاقات ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔