گهر مان ٻاهر نڪرڻ تي نواز شريف جي زندگي کي خطرو آهي: ڊاڪٽرن روڪي ڇڏيو

اسلام آباد :مسلم ليگ ن جي قائد ميان نوازشريف جي تازي ميڊيڪل رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي،رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڳوڻو وزير اعظم پليٽ ليٽس، شگر، دل، گردن ۽ هاءِ بلڊ پريشر جي مرضن ۾ ورتل آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽرن ميان نوازشريف کي ڪرونا سبب گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. داخل ڪرايل رپورٽ مطابق ڪرونا دوران نوازشريف کي انتهائي احتياط سان رهڻو آهي،ان جي دل کي رت جي مناسب سپلاءِ نه پئي ٿئي. رپورٽ مطابق ڪرونا وائرس سبب ڊاڪٽرن نوازشريف لاءِ ٻاهر نڪرڻ کي خطرناڪ قرار ڏنو آهي. ڊاڪٽرن رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪرونا دوران نوازشريف کي انتهائي احتياط جي ضرورت آهي،ڊاڪٽر ان جي صحت کان آگاهه آهن. وڪيل امجد پرويز ٻڌايو ته نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽس کي 4 ڊسمبر، 15 ڊسمبر 2019 تي به عدالتي ريڪارڊ جو بڻايو ويو،جنوري،فيبروري، مارچ ۽ اپريل جون رپورٽس به جمع ڪرايون ويون…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔