وزيراعظم پاڪستاني ماهيگيرن تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن جو نوٽِيس وٺي،حافظ عبدالبر

ڪراچي: فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرمين حافظ عبدالبر جو چوڻ هو ته مودي جوخوفائتو چهرو دنيا کي ڏيکارڻ ضروري ٿي ويو آهي ، ،1999 کان پاڪستاني ماهيگير ڀارتي جيلن ۾ قيد ۾ آهن ، انهن غريب ماهيگيرن کي ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه پيو ڪيو وڃي ، هن چيو ته ڀارت ڪشمير کي دنيا جو سڀ کان وڏو جيل ڪري ڇڏيو آهي .

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان خير سگالي واري جذبي هيٺ 500 ڀارتي ماهي گير آزاد ڪيا اسان پرڏيهي وزارت کي چيو ته انهن جي موٽ ۾ ڀارت مان اسان جا 119 پاڪستاني ماهيگير آزاد ڪرايا وڃن، ان چيو ته ڀارت ننڍين لانچن جي ماهيگيرن کي گرفتار ڪري انهن تي منشيات جو الزام لڳايو آهي، ٻن ماهيگيرن جا لآش اسانکي ڏنا ويا جن تي تشڊد ڪيو ويو هو.

عبدالبر چيو ته جنوري ۾ هڪ لانچ پڪڙي وئي ۽ جولاءِ ۾ نوجوان جي مرڻ جو اطلاع ڏنو ويو ،هاڻي عبدالڪريم جو لآش نه پيو ڏنو وڃي ، واهگا بارڊر تي ان جو لآش وٺڻ لاءِ وارث موجود آهن.

هن افسوس ظاهر ڪندي چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جا اهي ظلم نظر نه ٿا اچن، عالمي ادارن انهن ظلمن جو نوٽيس وٺن ، وزيراعظم ، پرڏيهي وزير به ان جونوٽيس وٺي کين انصاف ڏيارين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔