نيب قانون ۾ ترميم بابت اپوزيشن جون تجويزون رد ، اپوزيشن ميمبرن جوڪميٽي جَي اجلاس مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد ؛حڪومت نيب قانون ۾ ترميم بابت اپوزيشن جون تجويزون رد ڪري ڇڏيون. اپوزيشن ميمبرن ڪميٽي جَي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي ۽ شيري رحمان چيو آهي ته حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته هِي بل منظور ٿيڻ سان ملڪ آمريت جَي وَر چڙهي ويندو. پارلياماني ڪميٽِي جَي سربراهه شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن نيب قانون ۾ ترميم لاءِ 35 تجويزون پيش ڪيون، جن کي رد ڪيو ويو آهي، اپوزيشن جِي تجويزن تي قانون ٺهيو ته احتساب جو ادارو ئي نالَي ماتر رهجي ويندو، ملڪي مفاد مٿانهان هجڻ گهرجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔