نيب شهباز شريف ۽ سندس پٽن خلاف ڪرپشن جا 3ريفرنس احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: نيب شهباز شريف ۽ سندس پٽن خلاف ڪرپشن جا ٽي ريفرنسز احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، نيب چيئرمين ڪرپشن جا 3 ريفرنسز داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نيب جو چوڻ آهي ته شهباز شريف خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، حمزه شهباز خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي، سلمان شهباز خلاف به ريفرنس عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔