عالمي وبا دهشتگرد گروهن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهي ٿي: انتونيو گوتريس

جنيوا: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا عسڪريت پسند گروهن القاعده ۽ داعش لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهي ٿي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اهو بيان شام ۽ عراق ۾ داعش خلاف گڏيل قومن جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مشن جو افتتاح ڪندي جنيوا ۾ ڏنو.
سندس چوڻ هو ته ان دوران نيو نازي ۽ گوري نسل جي سرسيءَ جا پيروڪار به فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
انتونيو گوتريس موجب دهشتگرد گروهن تي ڪورونا وائرس جي اثرن جو اندازو لڳائڻ وقت کان اڳ هوندو پر ان وبائي صورتحال ۾ اهي شدت پسند گروهه مقامي تڪرارن ۽ حڪومتن جي ناڪامي کي پنهنجا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔