راولپنڊي: اربع ڏينهن مظفر آباد ۾ تباهه ٿيل هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيل فوجين جي جنازي نماز خميس تي ادا ڪئي وئي. بي بي سي جي نصير چوڌري رپورٽ ڪيو آهي ته جنازي گاهه ۾ 20 تابوت رکيل هئا، جن تي شهيد فوجين جا نالا به لکيل هئا، جيڪي هن رپورٽ ناهن ڪيا. بي بي سي عيني شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته هيليڪاپٽر کي اڏام ڀريندي ئي باهه لڳي وئي هئي، اڳ ۾ وڻن سان ٽڪرايو ۽ پوءِ زمين تي ڪريو تمام وڏو ڌماڪو ٿيو. آءِ ايس پي آر شهيد ٿيلن جي انگ يا نالن جو ڪو تفصيل نه ڏنو هو پر ايترو چيو هو ته ٻن پائلٽن سميت سميت سوار ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا ۽ حادثي جي جاچ لاءِ بورڊ قائم ڪيو ويو آهي.
ماضي ۾ پيش آيل هيليڪاپٽر حادثا
ياد رهي ته هي پهريون موقعو ناهي جو ڪنهن ايم آءِ-17 هيليڪاپٽر سان حادثو پيش آيو هجي. گذريل سال سيپٽمبر ۾ آرمي ايويئيشن جو ايم آءِ-17 هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ پاڪستان فوج جا ٻه ميجر سميت پنج سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا هئا.
مئي 2015ع ۾ پاڪستان جي اترين علائقي گلگت بلتستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي سبب پرڏيهي سفيرن سميت ست ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. نلتر واري هن حادثي ۾ ناروي ۽ فلپائن جا سفير، جڏهن ته ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي سفيرن جون گهرواريون، ان کان علاوه هيليڪاپٽر جا ٻه پائلٽ ۽ هڪ ٽيڪنيشن مارجي ويا هئا.
8 ڊسمبر تي ڀارت جي چيف آف ڊفينس اسٽاف بپن راوت پڻ ايم آءِ-17 هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو. ان حادثي ۾ سندس گهرواري ۽ وڌيڪ 13 ماڻهو به مارجي ويا هئا.
ٽن سالن بعد ڀارت جي پارليامينٽ جي دفاع بابت قائمہ ڪميٽي هڪ رپورٽ پيش ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته جنرل بپن راوت جو ايم آءِ-17 هيليڪاپٽر دراصل “انساني غلطي” سبب ڪري تباهه ٿيو هو.
روسي ساخت جا ايم آءِ-17 هيليڪاپٽر ڏکين ۽ جابلو علائقن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ رسد پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.
تبصرے بند ہیں۔