لاهور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف قومي راند هاڪي جي بحالي لاءِ وڏو قدم کڻندي 150 ملين روپيه گرانٽ منظور ڪري ورتي آهي.
تفصيل موجب سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب جي صدارت هيٺ گرانٽ ان ايڊ ڪميٽي جو پنجون اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي هدايت تي پاڪستان هاڪي فيڊريشن لاءِ 150 ملين روپيه گرانٽ منظور ڪئي وئي.
مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب ۾ هاڪي جي ريوائيول لاءِ شارٽ، ميڊيم ۽ لانگ ٽرم پلان تيار ڪيو ويو پنجاب جي اسڪولن، ڪاليجز ۾ هاڪي جا مقابلا ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. رانديگرن کي هاڪي ڪٽس، پروٽيڪٽو گيٽر، شرٽس، شوز ۽ اسنائپنڊ ڏنا ويندا. رانديگرن جي ٽريننگ لاءِ انٽرنيشنل ڪوچز ۽ ماسٽر ٽرينرز هائر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعليٰ مريم نواز جي ويزن موجب هاڪي اڪيڊميز جو نيٽ ورڪ سموري پنجاب ۾ قائم ڪيو ويندو هاڪي جي رانديگرن لاءِ جديد ترين ٽرف ۽ فلڊ لائنس لڳائڻ جو به جائزو ورتو ويو پنجاب جي سينئر وزير جو چوڻ هو ته قومي ٽيم جي اڳوڻي اومپلينز کي گريس مينٽرز جي طور تي نوجوانن جي تربيت جي ذميواري ڏني ويندي.
تبصرے بند ہیں۔