ڪوئٽه: پاڪستان ريلويز جي اهم ترين روٽ تي هلندڙ جعفر ايڪسپريس ٽرين ٻئي ڏينهن به معطل رهي. ريلوي ذريعن موجب اڻڄاتل سببن جي آڌار تي ٽرين سروس روڪي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سوين مسافر سخت پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن.
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته پشاور کان ايندڙ جعفر ايڪسپريس کي جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن تان واپس ڪيو ويو. ٽرين جي مسافرن کي ڪلاڪن جي انتظار کان پوءِ واپسي تي مجبور ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ انهن جي سفر جو پروگرام مڪمل طور تي متاثر ٿيو.
ريلوي ذريعن موجب جعفر ايڪسپريس ڪوئٽه کان پشاور ويندڙ اهم ٽرين مسافر ٽرين آهي جيڪا سنڌ جي مختلف شهرن کان گذرندي خيبرپختونخواهه تائين ويندي آهي. اها ٽرين نه صرف عام مسافرن پر شاگردن، واپارين ۽ سرڪاري ملازمن جي وڏي تعداد جي لاءِ ترجيحي ذريعه سفر آهي.
گذريل ٻن ڏينهن کان ٽرين جي آمد رفت مڪمل طور تي بند ٿيڻ سبب ريلوي اشٽيشنن تي مسافرن جو رش ۽ بيچيني نمايان رهي. هڪ متاثر مسافر امان الله نجي چينل کي ٻڌايو ته مان پنهنجي فيملي سان پشاور وڃي رهيو هئس، ٻن ڏينهن کان اسٽيشن تي ڦاٿل آهيان نه ٽرين هلي رهي آهي نه ئي ڪو واضح پيغام ملي رهيو آهي ته ٽڪيٽ جي رقم واپس ملندي يا نه ڪجهه به خبر نه پئجي رهي آهي.
ريلوي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته اڻڄاتل سببن جي آڌار تي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي پر انهي سببن جي نوعيت جي باري ۾ اڃان تائين ڪابه سرڪاري وضاحت جاري ناهي ڪئي وئي.
ريلوي واري وزارت طرفان اڃان تائين ڪوبه سرڪاري نوٽيفڪيشن سامهون ناهي آيو، جعفر ايڪسپريس جي مسلسل معطلي سبب نه صرف مسافرن جا ذاتي ۽ پيشه وارانه ڪم متاثر ٿيا آهن پر ريلوي جو روينيو به نقصان برداشت ڪري رهيو آهي. ڪوئٽه ريلوي اسٽيشن تي مسافرن جو وڏو تعداد متبادل ذريعا ڳولا ڪري رهيو هو. ڪجهه مسافرن بس سروس جو سهارو ورتو جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجا ٽڪيٽ ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ اسٽيشن ماسٽر جي آفيس جا چڪر لڳائيندا رهيا.
تبصرے بند ہیں۔