اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اعليٰ سطحي وفد سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ سطحي وفد گلگت جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گلگت بلتستان ۾ ايندڙ حڪومت سازي بابت مختلف تجويزن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.
پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي وفد ۾ وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ صدر مسلم ليگ(ن) گلگت بلتستان حافظ حفيظ الرحمان شامل هئا، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد ۾ اڳوڻو وفاقي وزير، سينئر اڳواڻ قمر زمان ڪائره، سنڌ جو سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، اڳوڻو سينيٽ چيئرمين نيئر حسين بخاري، صدر پيپلز پارٽي گلگت بلتستان امجد حسين ايڊووڪيٽ ۽ سنڌ جو بلديات وارو وزير ناصر حسين شاهه شريڪ ٿيا.
ملاقات جي دوران ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن گلگت بلتستان جي موجوده سياسي صورتحال ۽ آئنده حڪومت سازي جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهي موقعي تي ڪيتريون ئي تجويزون غور هيٺ آيون جڏهن ته مشاورت جي عمل کي اڳيان وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.
ٻنهي وفدن انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته حڪومت سازي بابت تجويزن جو جائزو پنهنجي پنهنجي پارٽين جي گلگت بلتستان ۽ مرڪزي قيادت کي اعتماد ۾ وٺي ڪيو ويندو. جنهن کان پوءِ مستقبل جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔