پاڪستان جي افغانستان ۾ ڪارروائي، 4 اهم حدف مڪمل تباهه، ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 26 خوارجي مارجي ويا

راولپنڊي:  پاڪستان پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ خوارج جي ٺڪاڻن تي موثر ڪارروايون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ 26 ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم خوارج مارجي ويا.

رپورٽ موجب پاڪستان ۾ تازن دهشتگرد حملن، جنهن ۾ 9 جون تي موسي ديره ۾ وفاقي ڪانسٽيبلري چوڪي تي حملو ڪيو ويو 2 جون تي اتر وزيرستان ۾ فوجي چوڪي تي گاڏي ۾ لڳل بارودي مواد جي ذريعي آپگهاتي حملو ۽ 9 مئي تي بنون پوليس اسٽيشن تي حملا شامل آهن.

پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ فتنته الخوارج جي اڳواڻن ۽ منصوبه تيار ڪندڙن جي ٺڪاڻن جي خلاف انتهائي موثر ۽ حدفي ڪارروايون ڪيون ويون. انٽيليجنس اطلاعن جي بنياد تي فتنته الخوارج جي ڳجهن ٺڪاڻن ۽ محفوظ پناهه گاهن کي نشانو بنايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 26 ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم خوارج مارجي ويا.

ڪارروائين جي دوران چار اهم حدفن کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ تربيتي مرڪز، هڪ ڳجهي پناهه گاهه، هٿيار ۽ گوله بارود جو وڏو ذخيرو ۽ فتنته الخوارج جي ڪمانڊرن عليم خان، خوشالي ۽ اختر محمد جاني خيل جا مرڪز شامل هئا.

ڪارروائي انتهائي پيشه ورانه مهارت سان انجام ڏني وئي، صرف دهشتگرد عناصر ۽ انهن جي انفرااسٽرڪچر کي نشانو بنايو ويو. پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ هميشه ڪوشان رهيو آهي پر پنهنجي شهرين جي جان، مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي.

وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي  منظور ڪيل نيشنل ايڪشڻ پلان جي تحت عزم استحڪام وزن موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دهشتگردي جي خلاف ڪارروايون پوري طاقت سان جاري رهنديون. ملڪ کان ٻاهرين سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردي جي انت واري مهم بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رکي ويندي.

 

تبصرے بند ہیں۔