ڪابل: افغانستان جي صوبي پڪتيڪا ۾ هڪ افسوسناڪ واقعي ۾ مارٽر شيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت جڏهن ته 4 ٻار زخمي به ٿي پيا آهن.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اهو واقعو انهي وقت پيش آيو جڏهن ڪچري مان ملندڙ هڪ پراڻي مارٽر شيل کي کولڻ يا ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، انهي دوران زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو ٿڏي تي فوت ٿي ويا، زخمي ٻارن کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي انهن کي طبي امداد ڏني وئي.
پوليس اختيارين تصديق ڪئي آهي ته فوت ٿي ويلن ۾ گهڻا ٻار شامل آهن جنهن سبب علائقي ۾ افسوس ۽ خوف جي فضا پيدا ٿي وئي آهي. افغانستان ۾ باودي مواد ۽ جنگي باقيات وڏي وقت کان شهري آبادي، خاص طور تي ٻارن جي لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهي.
گڏيل قومن جي انگن اکرن موجب هلندڙ سال اهڙن حادثن ۾ هينئر تائين 50 ڄڻا پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن. عالمي ادارن جو به چوڻ آهي ته افغانستان ۾ بارودي مواد سبب ٿيل حادثن ۾ هلندڙ سالن جي دوران اضافو ڏٺو ويو آهي. خاص طور تي ڏوراهين علائقن ۾ جتي پراڻن جنگي هٿيارن ۽ بارودي مواد تائين ٻارن جي پهچ آسان ٿي ويندي آهي.
تبصرے بند ہیں۔