وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪونسل جو اهم اجلاس، قومي ترقياتي بجيٽ جي منظوري

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪونسل(اين اي سي) جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال جي قومي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته هلندڙ مالي سال 2025-26 جي ترقياتي بجيٽ جو تفصيلي جائزو به ورتو ويو. اجلاس ۾ صوبن جي سالياني ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ۽ پريزنٽيشنز پيش ڪيون ويون. اجلاس جي دوران ايندڙ مالي سال 2026-27 جي پبلڪ سيڪٽر انويسٽمنٽ پروگرام جو به جائزو ورتو ويو جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پبلڪ سيڪٽر انويسٽمنٽ تي به غور ڪيو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ پهرين اپريل 2025 کان 31 مارچ 2026 تائين سي ڊي ڊبليو پي جي  اڳڀرائي پيش ڪئي وئي. جڏهن ته انهي مدي جي دوران اسڪيمن جي اي سي اين اي سي ۽ ايڪنڪ کان منظوري جي رپورٽ به پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ ميگا منصوبن جي مانيٽرنگ ۽ ايويليوايشن رپورٽ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، وزيراعظم آزاد ڪشمير سميت اهم حڪومتي شخصيتون شريڪ ٿيون.

اجلاس کان اڳ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي وزيراعظم هائوس پهتو، جڏهن ته ناڻي وارو سيڪريٽري امدادالله بوسال ۽ راڻا ثناءُالله به اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ وزيراعظم هائوس پهتا. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه به اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ وزيراعظم هائوس پهتو. انهي کان علاوه مريم اورنگزيب ۽ بلوچستان جو وڏو وزير به وزيراعظم هائوس پهتا.

 

تبصرے بند ہیں۔