لنڊن: انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ فاسٽ بالر گس ايٽڪنسن سان نائيٽ ڪلب واري واقعي کان پوءِ بين اسٽوڪس کي ڪپتاني تان هٽائڻ جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ (ECB) رانديگرن جي نائيٽ ڪلب وڃڻ واري معاملي جي جاچ جو اعلان ڪيو آهي. بين اسٽوڪس جي جاءِ تي هيرِي بروڪ کي نيوزي لينڊ خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪپتاني ملڻ جو امڪان آهي.
رپورٽن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نائيٽ ڪلب ۾ مبينا طور تي ڪرڪيٽرن جو هڪ رگبي رانديگر سان جهڳڙو ٿيو. بين اسٽوڪس ۽ گس ايٽڪنسن مبينا طور تي ECB جي نون پروٽوڪولز جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
پروٽوڪولز جي ڀڃڪڙي تي ڪپتان خلاف سخت تاديبي ڪارروائي جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽن مطابق رگبي رانديگر طرفان فاسٽ بالر کي مُڪو هنيو ويو، جڏهن ته ECB جو سيڪيورٽي گارڊ به واقعي واري هنڌ موجود هو، جيڪو زخمي ٿيو ۽ کيس ٽانڪا لڳائڻا پيا.
تنهن هوندي به ڪرڪيٽر پاڻ زخمن کان محفوظ رهيا. نائيٽ ڪلب واري واقعي ۾ پوليس شامل نه ٿي، ۽ ECB کي يقين آهي ته ڪرڪيٽرن جارحاڻي رويي جو مظاهرو نه ڪيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔