آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران خلاف ٻن هفتن ۾ مڪمل فتح جي دعويٰ

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ايندڙ ٻن هفتن جي اندر ايران جي خلاف مڪمل فتح جو اعلان ڪندو اهو بيان هن ريپبلڪن سينيٽر لنڊسي گراهم جي لاءِ منعقد هڪ ٽيلي ريلي کي خطاب جي دوران ڏنو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ٽرمپ چيو ته آمريڪا سخت موقف اختيار ڪيو آهي ۽ انهي جي بقول اسان اها جنگ کٽي رهيا آهيون، پر اصل فتح ايندڙ ٻن هفتن ۾ نظر ايندي جڏهن اسان مڪمل فتح جو اعلان ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اها مڪمل فتح تمام جلد سامهون ايندي جنهن جي نتيجي ۾ تيل جون قيمتون نمايان طور تي هيٺ اچڻ شروع ٿي وينديون.

آمريڪي صدر جو اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ لاڳيتو برقرار آهي. ٽرمپ پنهنجي تقرير ۾ ڪنهن مخصوص فوجي سفارتي يا قانوني منصوبي جا تفصيل فراهم ناهن ڪيا جنهن جي بنياد تي مڪمل فتح جو اعلان ڪيو ويندو. ايران طرفان انهي بيان تي فوري باضابطه رد عمل سامهون ناهي آيو.

ٽرمپ سڌو سنئون تيل جي قيمتن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته فتح کان پوءِ قيمتون گهٽ ٿي وينديون پر توانائي منڊين جي ماهرن عام طور تي قيمتون گهٽ ٿيڻ جو دارومدار سپلائي، آبنائي هرمز جي صورتحال، پابندين، جنگي خطرن ۽ عالمي طلب جهڙين ڪيترين شين جي مٿان آهي. انهي لاءِ اها ٽرمپ جي سياسي ۽ معاشي دعويٰ آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔