ڪراچي: منشيات ڊيلر انمول عرف پنڪي جو لاهور ۾ هڪ جعلي سيلري اڪائونٽ به موجود هو جنهن ۾ ڪروڙين روپين جي ٽرانزيڪشن ٿيندي رهي.
بينڪ جمع ڪرايل ڪاغذ جعلي هئا، ڪابه ڪمپني موجود ئي نه آهي. حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته هڪ عام ماڻهو جڏهن بينڪ ۾ اڪائونٽ کولرائڻ چاهيندو آهي ته انهي کان تمام گهڻا سوال جواب ۽ ڪاغذ گهريا ويندا آهن پر پنڪي جي معاملي ۾ اهڙو ڪجهه به نه ٿيو، انهي جو اڪائونٽ غير ملڪي بينڪ جي نيو گارڊن لاهور برانچ ۾ هو.
2019 ۾ اينٽي نارڪو ٽڪس فورس ۾ داخل ڪيس نمبر 19-63 جي جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر صوبيه ارم پهرين جولاءِ 2021 جي پنهنجي رپورٽ ۾ اهو لکيو هو ته پنڪي جو لاهور جي علائقي چوبرجي ۾ هڪ ملٽي نيشنل بينڪ ۾ سيلري اڪائونٽ آهي جنهن ۾ انهي کي هڪ ڪمپني جو ملازم ظاهر ڪيو ويو هو، انهي ۾ ڪروڙين روپين جي ٽرانزيڪشن ٿيندي رهي ۽ جنهن وقت بينڪ اسٽيٽمنٽ ڏنو ته انهي جي اڪائونٽ ۾ 6 ڪروڙ 39 لک 88 هزار 912 روپين جي ٽرانزيڪشن موجود هئي جڏهن ته پنڪي کي مفرور قرار ڏنو ويو هو.
جڏهن جاچ آفيسر مذڪوره ڪمپني جي ايڊريس 10/9 چٺه پلازه، فرسٽ فلور، چوبرجي تي پهتو ته خبر پئي ته انهي نالي جي ڪابه ڪمپني هتي موجود ئي نه آهي. بينڪ ۾ جمع ڪرايل ڪاغذ جعلي هئا.
تبصرے بند ہیں۔