اسلام آباد: گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي تي وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف گلگت بلتستان ۾ شفاف، پرامن ۽ سياسي سرگرمين سان ڀرپور چونڊون منعقد ڪرڻ تي عوام کي پڻ مبارڪباد ڏني آهي.
انهي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي گلگت بلتستان چونڊن ۾ اڪثريتي سياسي پارٽي جي طور تي سامهون آئي آهي جنهن تي هو مبارڪباد جي مستحق آهي، اسان صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.
شهباز شريف چيو ته انهي سان گڏ مان پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ڪامياب اميدوارن کي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جنهن سٺو مقابلو ڪيو. مسلم ليگ(ن) جي ٽيم ڪافي محنت ڪئي، انهن کي شاباش ڏيان ٿو، گلگت بلتستان ۾ سمورن ڪامياب اميدوارن کي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
وزيراعظم چيو ته سياسي سرگرمين ڀرپور طريقي سان شرڪت تي گلگت بلتستان جي عوام به تعريف جي لائق آهي. هن چيو ته پرامن، شفاف چونڊون ۽ سياسي سرگرميون جمهوريت جو حسن آهن، اليڪشن ڪميشن شفاف ۽ غير جانبدار اليڪشن کي يقيني بنايو جيڪو تعريف جوڳو قدم آهي. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پرامن چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جنهن تي انهن کي به شاباش ڏيان ٿو.
تبصرے بند ہیں۔