ليڊي ڊاڪٽر تي تيزاب اڇلائڻ وارو واقعو، ماهره خان پاران ڪاوڙ جو اظهار

ڪوئيٽا: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره ماهره خان ڪوئيٽا جي اسپتال ۾ خاتون ڊاڪٽر تي تيزاب اڇلائڻ واري واقعي تي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي هڪ وحشياڻو ۽ غير انساني عمل قرار ڏنو آهي.ماهره خان پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريءَ ۾ واقعي تي ردعمل ڏيندي لکيو ته هڪ خاتون ٻين جون زندگيون بچائڻ لاءِ اسپتال وئي هئي پر ڪنهن سندس چهر ي تي تيزاب اڇلائي ڇڏيو، هوءَ ان واقعي جو تصور به نٿي ڪري سگهي. اداڪاره موجب، متاثريل ڊاڪٽر، ڊاڪٽر ماهه نور ناصر، اسپتال ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهي هئي ته مٿس حملو ڪيو ويو. ماهره خان لکيو ته اهو رڳو هڪ حملو ناهي پر انتهائي سفاڪاڻو ۽ شرانگیز عمل آهي، جنهن تي هوءَ ڪاوڙ کان ڏڪي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته متاثريل خاتون ڊاڪٽر تحفظ جي حقدار هئي، پر حملو ڪندڙ اهو سمجهيو ته کيس هڪ خاتون جي زندگي ۽ مستقبل تباهه ڪرڻ جو حق حاصل آهي، حملو ڪندڙ ڊاڪٽر کي زنده ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ماهره خان عورتن سان گڏوگڏ مردن کان به اهو مطالبو ڪيو ته هو ان ظلم خلاف آواز بلند ڪن ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۽ احتجاج جو اظهار ڪن ته جيئن اهڙن واقعن کي روڪڻ ممڪن بڻائي سگهجي. واضح رهي ته ڪوئيٽا جي سنڊيمن اسپتال ۾ هڪ شخص خاتون ڊاڪٽر تي تيزاب اڇلايو هو جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ سخت زخمي ٿي پئي، متاثريل ڊاڪٽر کي شروعاتي طبي امداد کانپوءِ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته بعد ۾ بهتر علاج ۽ طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

تبصرے بند ہیں۔