لاهور: رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف پيڪا ايڪٽ جي تحت 24 ڪلاڪن ۾ 23 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب اهم سياسي، سرڪاري شخصيتن بابت اعتراض جوڳيون وڊيوز ٺاهڻ يا اپلوڊ ڪرڻ جي معاملي ۾ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن سيد ذيشان رضا جي هدايت تي سوشل ميڊيا تي جعلي وڊيو اپلوڊ ڪندڙن خلاف پوليس جو ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
انهي دوران رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف لاهور جي مختلف ٿاڻن ۾ 24 ڪلاڪن جي دوران پيڪا ايڪٽ جي تحت 23 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
پوليس اختيارين موجب قومي ادارن جي خلاف اعتراض جوڳي ۽ نازيبا مواد جي مشهوري ۾ ملوث ماڻهو ڪنهن به رياعت جا مستحق نه آهن. ادارن جي توهين مذاق اڏائيندڙ عناصرن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي.
ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن موجب اهڙن عنصرن جو مقصد معاشري ۾ انتشار ۽ ادارن خلاف منافقت پکيڙڻ آهي. جوابدارن کي سمورين قانوني شاهدين جي روشني ۾ مضبوط چالان جوڙي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.