هر جنگ توهان کي مضبوط بڻائي ٿي: اينجلين ملڪ

ڪراچي : مشهور هدايتڪار، پروڊيوسر، ليکڪ ۽ اداڪاره اينجلين ملڪ اسپتال مان تصويرون شيئر ڪيون آهن، اينجلين ملڪ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي نوان فوٽو شيئر ڪيا آهن، جن ۾ سندس حوصلو واضح طور تي بلند ڏسي سگهجي ٿو، اداڪاره پنهنجي نئين پوسٽ جي ڪيپشن ۾ چيو ته هن 3 ڪيموٿراپي علاج ڪرايا آهن. اينجلين ملڪ لکيو آهي ته ڪيموٿراپي جي 3 رائونڊن کان پوءِ، مان اڃا تائين مضبوط بيٺي آهيان. قوت ارادي ۽ طاقت هميشه توهان کي فتح ڏانهن وٺي ويندي آهي. هر جنگ توهان کي مضبوط بڻائي ٿي.اڳ ۾ مشهور اداڪارا ۽ ڊائريڪٽر اينجلين ملڪ پنهنجي جهڙن ڪينسر جي مريضن جي حوصلا افزائي ڪئي هئي.اينجلين ملڪ فيشن شو دوران فيشنيبل ڪپڙا ۽ زيور پائي اعتماد سان ريمپ تي واڪ ڪئي.ياد رهي ته گذريل مهيني جي شروعات ۾ اداڪاره انڪشاف ڪيو هو ته هوءَ ڪينسر ۾ مبتلا آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔