اسلام آباد: وڪيلن جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسلام آباد جي شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
وڪيلن جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي سپريم ڪورٽ جي احاطي ۾ به پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ ڏانهن وڃڻ لاءِ صرف مارگله روڊ کليل رکيو ويو آهي.
ريڊ زون ۾ داخلا جا رستا بند ٿيڻ سبب ڪشمير چوڪ تي شديد ٽريفڪ جام آهي، سرينا چوڪ، نادرا، ميريٽ ايڪسپريس چوڪ ۽ ٽي ڪراس بري امام به بند آهن جڏهن ته جناح انڊر پاس به ڪنٽينرز رکي بند ڪيو ويو آهي.
احتجاج کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي اسلام آباد ميٽرو بس سروس جي آپريشن کي به محدود ڪيو ويو آهي، ميٽرو بس سروس فيض احمد فيض اسٽيشن کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين بند آهي.
ميٽرو انتظاميه جو چوڻ آهي ته راولپنڊي صدر اسٽيشن کان فيض احمد فيض اسٽيشن تائين بس سروس بحال آهي، اسلام آباد ۾ ميٽرو بس سروس سيڪيورٽي سببن جي ڪري بند ڪئي وئي آهي.