اسلام آباد: وڪيلن جي ريڊ زون ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش، پوليس سان چڪريون، ڊي چوڪ تي ڌرڻو

اسلام آباد:هين آئيني ترميم ۽ جوڊيشل ڪميشن جي اڄ ٿيندڙ اجلاس جي خلاف وڪلا ايڪشن ڪميٽي احتجاج جي دوران سرينا چوڪ کان سپريم ڪورٽ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته وڪيلن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ چڪريون ٿي پيون، پوليس احتجاج ڪندڙ وڪيلن تي لاٺي چارج به ڪيو.

رپورٽ موجب وڪيلن احتجاج ڪندي سپريم ڪورٽ طرف مارچ شروع ڪيو، انهي دوران انتظاميه سرينا چوڪ کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪري ڇڏيو هو. انتظاميه ريڊ زون کي به مڪمل  طور تي سيل ڪري رکيو آهي. وڪيل هن وقت ڊي چوڪ پهي چڪا آهن جتي انهن ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي.

پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ چڪرين کان پوءِ احتجاج ڪندڙ وڪيل ڇڙوڇڙ ٿي ويا  جنهن کان پوءِ انهن سري نگر هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو ۽ مري ڏانهن ويندڙ روڊ کي بند ڪري ڇڏيو پر مري کان ايندڙ ويندڙ روڊ تي ٽريفڪ روان دوان آهي. انتظاميه طرفان اسلام آباد جي ريڊ زون جي سمورن رستن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر آهي ۽ سمورا گيٽ بند ڪيا ويا آهن، جنهن سبب شهرين کي اچ ۾ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

اسلام آباد پوليس جي اڳڀرائي تي وڪيل ايڪشن ڪميٽي سري نگر هاءِ وي به خالي ڪيو ويو. وڪيل سري نگر هاءِ وي خالي ڪري هڪ دفعو ٻيهر سرينا چوڪ روڊ تي پهچي ويا پوليس ۽ وڪيلن ۾ اکٻوٽ جو سلسلو جاري آهي جنهن کان پوءِ وڪلا ايڪشن ڪميٽي جي احتجاجي ريلي ڊي چوڪ پهچي ويا. وڪيلن ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔