ڀارت ۾ ٽڪ ٽاڪ تان پابندي نه هٽائي وئي ته پاڪستان هلي وينديس: راکي ساونت جي مودي کي ڌمڪي

نئين دهلي: ڀارتي اداڪاره راکي ساونت ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي کي پاڪستان وڃڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

راکي ساونت پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ هو بيگ کڻي ايئرپورٽ تي موجود آهي. وڊيو ۾ راکهي ساونت ڌمڪي ڏني ته وزيراعظم نريندر مودي جيڪڏهن ڀارت ۾ ٽڪ ٽاڪ تان پابندي نه هٽائي وئي ته مان پاڪستان هلي ويندس، پاڪستان وڃي شادي ڪري وٺندس ۽ اتي وڃي حلوو پوري کائيندس.

راکي ساونت چيو ته پوري دنيا ٽڪ ٽاڪ مان پئسا ڪمائي رهي آهي، ڀارت ۾ ماڻهو بيروزگار ويٺل آهن. مودي صاحب اوهان به ڊونلڊ ٽرمپ جيان ٽڪ ٽاڪ تان پابندي هٽايو. وڊيو ۾ راکي ساونت پاڪستاني اداڪاره هانيه عامر، ديدار ۽ نرگس سان ملاقات جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.

ياد رهي ته 2020 ۾ مودي حڪومت ڊيٽا سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ٽڪ ٽاڪ سميت 58 ٻين چيني ملڪيتي ايپس تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي، انهي کان اڳ راکهي ساونت پاڪستان جي مشهور اداڪارائن کي ڊانس به چيلينج به ڏنو هو.

وائرل ٿيل وڊيو ۾ راکهي ساونت طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان مان هانيه عامر، ديدار ۽ نرگس کي وٺي اچو مان سڀني کي ڊانس ۾ شڪست ڏيندس، انهي سان گڏ ئي اداڪاره چيلينج ڪندي اهو به چيو ته مان سڀني کي شڪست ڏئي ڇڏيندس، ڇو ته مان بالي ووڊ جي آئٽم گرل آهيان ۽ مان ريئلٽي شو جي راڻي آهيان، پوءِ چاهي ڪهڙي به ڊانسر هجي يا ڪو ريئيلٽي شو سڀني کي شڪست ڏيندس.

راکي ساونت جو ڏنل هڪ انٽرويو به سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آهي جنهن ۾ نه صرف پاڪستاني ڇوڪرن جي طرف دلچسپي ظاهر ڪئي پر سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم جي لاءِ به پسنديدگي جو اظهار ڪيو ويو آهي. هن ٻئي شادي جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته منهنجي خواهش آهي ته هن ڀيري مان دبئي ۾ ڪنهن پاڪستاني نوجوان سان شادي ڪريان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔