آمريڪا جي نئين انتظاميه سان مثبت لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد:پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته آمريڪا جي نئين انتظاميه سان مثبت لاڳاپن جا خواهشمند آهيون.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ موجود جن افغان پناهگيرن کي آمريڪا وڃڻو آهي انهي حوالي سان پراڻي پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهيون، هن وقت انهي حوالي سان پاليسي ۾ ڪابه تبديل نه ڪئي وئي آهي. افغان پناهگيرن جو ٽئين ملڪ وڃڻ جو معاملو سست رفتاري جو شڪار آهي چاهيون ٿا ته افغان شهري جلد کان جلد ٽئين ملڪ منتقل ٿي وڃن

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي آمريڪي صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي حوالي سان پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته آمريڪي صدر جي حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي سفير ڪئي آهي، محسن نقوي آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ذريعي نه ويو آهي.

مراڪش حادثي جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي شفقت علي خان چيو ته مراڪش ۾ ٻيڙي حادثو پيش آيو، مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ 22 ڄڻا بچي ويا، مراڪش اختيارين جا ٿورائتا آهيون انهن مدد ڪئي، پرڏيهه ويندڙن جي واپسي لاءِ سفارتخانو مراڪش اختيارين سان رابطي ۾ آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته غزه ۾ جنگبندي جي آجيان ڪريون ٿا، عالمي برادري  غزه جي نئين سر تعمير جي لاءِ منصوبه بندي جوڙي، عالمي برادري فلسطين مسئلي جي پائيدار حل لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، پاڪستان فلسطين مسئلي جو حل سلامتي ڪونسل موجب چاهي ٿو، پاڪستان فلسطين مسئلي کي ٻن رياستي حل تي زور ڏئي ٿو.

ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ قيدين کي آزاد ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پاڪستان انهي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ هر طرح جا قدم کڻڻ جي لاءِ تيار آهي. سفارتي محاذ تي اهو معاملو هر ڀيري اٿاريو پيو وڃي. ٻنهي ملڪن ۾ هڪ ٻئي جا قيدي موجود آهن، اهو هڪ بنيادي انساني مسئلو آهي انهي کي حل ٿيڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔