جي يو آءِ وفاق کان پوءِ صوبن ۾ به مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ بل جو مسودو تيار ڪري ورتو

اسلام آباد: جمعيت علماءِ اسلام وفاق کان پوءِ صوبن ۾ به مدرسن جي رجسٽريشن جي لاءِ بل جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي.

ذريعن ٻڌايو ته گڏيل مسودي جي متن موجب سوسائٽي جي رجسٽريشن ترميمي ايڪٽ 2025 جي شروعات کان اڳ مدرسا جيڪڏهن اڳ  رجسٽرڊ نه آهن ته انهي ايڪٽ جي تحت 6 مهينن جي اندر رجسٽرڊ ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته سوسائٽي رجسٽريشن ترميمي بل 2025 جي ايڪٽ تحت يا انهي جي قيام جي 1 سالن جي اندر رجسٽرڊ ٿي سگهندا.

ذريعن ٻڌايو ته گڏيل مسودي موجب جيڪي مدرسا پهريان وفاق کان رجسٽرڊ آهن ته انهن کي رجسٽريشن جي ضرورت نه آهي، جيڪي مدرسا رجسٽرڊ نه آهن اهي پنهنجو پاڻ کي تعليم واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل سان رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿا. هڪ ديني مدرسو جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪيمپس هجي انهي جي هڪ ئي رجسٽريشن ٿيندي.

گڏيل مسودي جي متن موجب ديني مدرسا آڊٽ رپورٽ جمع ڪرائيندا، هر مدرسو هڪ آڊيٽر جي ذريعي پنهنجن کاتن جو آڊٽ ڪرائڻ جو پابند هوندو. مدرسا پنهنجي آڊٽ رپورٽ جي هڪ ڪاپي رجسٽرار کي جمع ڪرائڻ جا پابند هوندا ۽ ڪوبه ديني مدرسو اهڙو لٽريچر نه پڙهائيندو جيڪو عسڪريت پسندن کي هٿي ڏيندو هجي.

گڏيل مسودي ۾ چيو ويو آهي ته ڪوبه ديني مدرسو فرقيواريت يا مذهبي منافقت نه پکيڙيندو مختلف مذهبي يا مڪتب فڪر جو مطالعو يا قرآن پاڪ، سنت يا اسلامي فرقي ۾ شامل ڪنهن موضوع جي مطالعي تي پابندي نه هوندي ۽ هر ديني مدرسو پنهنجي نصاب ۾ مرحليوار پروگرام موجب مضمون شامل ڪندو.

گڏيل مسودي  موجب ايڪٽ جي تحت ديني مدرسي کي في الوقت ڪنهن ٻئي قانون جي تحت پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي.

ياد رهي ته صوبن ۾ مدرسن جي رجسٽريشن جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کان اڳ ئي رابطو ڪري چڪو آهي ۽ وزيراعظم مولانا فضل الرحمان کي مدرسن جي رجسٽريشن تي هر ممڪن يقين ڏياري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔