اسلام آباد: پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار هڪ هزار ڊالر ڪرڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
آئيني درخواست فهميده نواز انصاري ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار هڪ هزار ڊالر جي برابر ڪئي وڃي.
درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن کي ڌر بنايو ويو آهي، موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان برطانوي ڪالوني رهيو آهي ۽ اتان جو قانون هتي به لاڳو ڪيو ويو آهي.
عدالتي ڪيسز ۾ به آمريڪا ۽ برطانوي عدالتن جي فيصلن ۽ قانون کي مڃيو ويندو آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ به برطانوي ۽ آمريڪي ليبر قانون هجڻ گهرجن.
آمريڪا ۽ برطانيه ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار هڪ هزار ڊالر مقرر آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار هڪ هزار ڊالر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي