ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 13 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري وئي، معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي معاشي پاليسين جا سٺا اثر پئجي رهيا آهن، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌڻ سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي آئي آهي. ڪاروباري هفتي جي چٿين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات ۾ ئي زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي. پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 2 هزار 5 سئو کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو ٿيو.2 هزار 5 سئو کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 13 هزار 374 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي معاشي پاليسين جا سٺا اثر پئجي رهيا آهن، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌڻ سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي آئي آهي.