ميجر محمد اڪرم شهيد جو يومِ شهادت اڄ ملهايو پيو وڃي

راولپنڊي : ميجر محمد اڪرم شهيد نشان حيدر جو 53 هون شهادت جو ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي، پاڪ فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس شرڪت ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب 1971ع ۾ ميجر محمد اڪرم بهادري سان وطن جو دفاع ڪيو ۽ دشمن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو، دشمن جي 3 ٽينڪن کي تباهه ڪري ڇڏيو.ميجر محمد اڪرم جنگ دوران زخمي ٿي پيو ۽ 5 ڊسمبر 1971ع تي وفات ڪري ويو.ميجر محمد اڪرم جي شهادت وطن جي دفاع لاءِ ڏنل بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔