وي پي اين استعمال ڪندڙن کي پڪڙڻ آسان نه هوندو: سجاد مصطفيٰ

اسلام آباد : پاڪستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسيئيشن (پاشا) جي چيئرمين سجاد مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته وي پي اين استعمال ڪندڙ کي پڪڙڻ آسان نه هوندو.هڪ بيان ۾ هن چيو ته قومي سلامتي جا مسئلا رڳو پاڪستان جا نه پر پوري دنيا جا آهن.سجاد مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته وي پي اين ۾ ڊيٽا ٽرانزيڪشن محفوظ آهي، جيڪڏهن اسان انٽرنيٽ بند ڪيو ته مذاق بڻجي وينداسين. پاشا جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته انٽرنيٽ جي رفتار گهٽجي وئي آهي، هڪ ڪمپني چيو آهي ته انٽرنيٽ جي سست رفتاري سبب هڪ ڪلاڪ ۾ 10 لک ضايع ٿي ويا.هن جو اهو به چوڻ آهي ته جيئن ئي وڏين ڪمپنين ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي منصوبابندي شروع ڪئي آهي ته سڄي دنيا ۾ آئي ٽي پروفيشنلز کي ڀليڪار ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔